گهوٽڪي مان گيس جا نوان ذخيرا هٿ، 51 لک ڪيوبڪ فوٽ گيس پيدا ٿيندي

0
137

گهوٽڪي: ماڙي پيٽروليم ڪمپني گهوٽڪي ۾ گيس جا نوان ذخيرا هٿ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ماڙي پيٽروليم طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ صوبي جي ضلعي گهوٽڪي ۾ گيس ڳولي شروعاتي طور تي روزانو 51 لک ڪيوبڪ فوٽ گيس پيدا ٿيڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي.

ڪمپني جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته گهوٽڪي ۾ 1015 ميٽرن تائين کوهه جي کوٽائي ڪئي وئي آهي. ايم ڊي ماڙي پيٽروليم فهيم حيدر جو چوڻ آهي ته گهوٽڪي مان گيس جي ڳولڻ ڪمپني جي وڏي ڪاميابي آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ به گهوٽڪي ۾ گيس جا وڏا ذخيرا ملي چڪا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here